زندگيءَ کان بيزار ۽ پريشان ٿيندڙ فردن جي لاءِ وقت خوشي ۽ دل لڳي جي لاءِ انٽرنيٽ تي ”ٽڪ ٽاڪ“ ميسر آھي. هي ايپ ان جي استعمال ڪندڙن کي عملي زندگيءَ جي پيچيدگين کي وسارڻ ۾ مدي ثابت ٿئي ٿي مون کي شڪ آهي ته اسان جي سينيٽ جا ڪجهه معزز ميمبر به ان ايپ جا عادي ٿي چڪا آهن. شايد ان لاءِ گذريل جمعي واري ڏينھن تي هنن گڏجي ڪري ”وفاق جي علامت“ سمجھي ويندڙ ايوان ۾ٽڪ ٽاڪ وڊيو جهڙو ھڪڙو تماشو لڳايو، جنهن کي سمورن نيوز چينلز سنجيدگي سان ورتو ويو.
معمول جي نشريات کي ڇڏي ڪري ان”قرارداد“ تي فڪرمندي سان تبصرا ٿيڻ شروع ٿي ويا.جن 12 ميمبرن ان وقت ”متفقھ“ طور تي پاس ڪئي ھئي.جڏهن ته ايوان ۾ صرف 14 ماڻهو موجود هئا، جيڪا”قرارداد“ منظور ٿي ان جي گھرج ھئي تھ سيءُ جي شدت ۽ دھشتگرديءِ جي وڌندڙ وارداتن کي نظر ۾ رکندي ۾ 8 فيبروري 2024ع واري ڏينھن ٿيندڙ وفاقي ۽ صوبائي اسيمبلي جون چونڊون ملتوي ڪيون وڃن.مٿيون ٺهراءُ پيش ڪندڙ شخص جو نالو دلاور خان آهي. سندس تعلق مردان سان آهي. "ڪامياب ڪاروبار ڪندڙ” جي شهرت رکي ٿو انهيءَ سڃاڻپ کيس پنجاب جي ”ڪاروباري ماڻھن“ جي ٺاهيل مسلم ليگ (نون) جي ويجهو آندو. ھو ان جي مدد سان 2018ع ۾ سينيٽ جو ميمبر چونڊيو ويو. ياد رهي ته هلندڙ سال سينيٽ جي خالي ٿيل سيٽن کي ڀرڻ جي لاءِ جيڪا اليڪشن ٿي ھئي ان ۾ مسلم ليگ (نون) کي سياسي پارٽي طور حصو وٺڻ جي اجازت نصيب نه ٿي هئي. انهن ڏينهن جي چيف جسٽس ثاقب نثار پاران ”صادق ۽ امين “ جي معيار تي پورو نھ لھڻ سبب سڄي عمر لاءِ نااھل ڪندي نوازشريف جي دستخطن سان جاري ڪيل مسلم ليگ ن جي اميدوارن جي ٽڪيٽن کي ”باطل“ قرار ڏنو ھو.
ٽيڪنيڪي طورتي ھن کي هڪ "آزاد” حيثيت سان چونڊ وڙھڻي پئي. آگسٽ 2018ع ۾ جڏهن عمران خان جي حڪومت قائم ٿي ته، ايف بي آر جي ٽيڪس ڪليڪشن آفيسرن جي رحم ڪرم جي محتاج دلاور خان کي پنهنجي ”آزاد“ حيثيت شدت سان ياد اچڻ لڳي.ھو حڪومتي بينچن تي ويهڻ کانسواءِ حڪومت جي ھا ۾ ھا ملائيندي پنهنجي ڪاروبار جو تحفظ يقيني بڻائيندو رهيو.
ان دوران مارچ 2021 اچي ويو. قومي اسيمبلي ان مهيني اسلام آباد مان سينيٽ جي خالي ٿيل سيٽ تي يوسف رضا گيلاني کي چونڊيندي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو.اھو پيغام ڏنو ويو ته عمران خان ۽ ”هو“ هاڻي ”سيم پيج“ تي نھ رھيا آهن. تحريڪ انصاف جي صفن ۾ بغاوت ٿي چڪي آهي ۽ عمران حڪومت سان اجھو ٿو وڃي، اجھو ٿو وڃي، وارو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. بلوچستان جي حڪومت به ساڳي صورتحال ۾ نظر آئي. مرڪز ۽ صوبن ۾ پکڙيل ڇڪتاڻ جو فائدو وٺي دلاور خان سينيٽ مان پنج ٻيا ميمبر به مليا. پاڻ ۾گڏجي، اهي "آزاد” گروپ بڻجي ويا. اپوزيشن ليڊر جي چونڊ جو مرحلو آيو ته هن پيپلز پارٽي جي نامزد ٿيل اميدوار يوسف رضا گيلاني جي حمايت جو اعلان ڪيو.انهن جي حمايت رضا رباني ۽ شيري رحمان جهڙن اصول پرست سينيٽرن کي شرمسار ڪري ڇڏيو، ان ڪري انهن ڇهن ماڻهن ”آزاد“ ويهڻ دوران به بار بار عمران حڪومت جي پيش ڪيل قانونن جي مڪمل حمايت ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي. اپريل 2022 ۾ جڏهن حڪومت بدلي ته ،جي حضوري جو رخ شهباز شريف جي قيادت ۾ قائم حڪومت ڏانهن موڙي ڇڏيو.
سدا بھار موقعي پرستن تي ٻڌل هن گروپ جو اڳواڻ دلاور خان ۽ ٻيا ميمبر مارچ 2024ع ۾ سينيٽ جي ميمبرشپ کان محروم ٿي ويندا.ايوان ۾ واپس اچڻ جي خواهش کين پنهنجي ”وجود جي احساس“ ڏيارڻ تي مجبور ڪيو هوندو. ان ڪري جمعي تي ”قرارداد“ سان ”شيرلي“ ڇڏيائون. 1985ع کان پارلياماني ڪارروائيءَ جو باقاعده رپورٽر هئڻ ڪري مان دلاور خان ۽ سندس گروپ کي جمعي تي ڇڏيل ”شرلي“ جو ذميوار نه قرار ڏيندس. سينيٽ جو چيئرمين. صادق سنجراڻي پڻ اھڙي ”شرلي“ ڇڏيل ڪيترن ئي ڏينھن ۽ ڪلاڪن تائين وسوسن ۾ مبتلا رکندڙ “شوشي“ جي شرارت ۾ ڀرپور بلڪھ منھنجي سمجھ ۾ ”قائداڻو“ ڪردار ادا ڪيو آھي.
پارلياماني رپورٽرن جي اڪثريت اھو چڱيءَ ريت ڄاڻي ٿي آهي ته جمعي واري ڏينھن سينيٽ جو اجلاس مختصرترين ھوندو آھي.ڏيڍ کان ٻن ڪلاڪن جي ڪارروائي کانپوءِ اجلاس ايندڙ هفتي لاءِ جمعي جي نماز تائين ملتوي ڪيو ويندو آھي. اجلاس ۾ ملتوي ٿي وڃي ته پارليامينٽ بلڊنگ جي مسجد ۾ جمعي جي نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ وڏي انگ ۾ ارڪان چيئرمين سنجراڻي جي ڪمري ۾ اچي وڃن ٿا. اتي ماني کائڻ کان پوءِ اڪثر پنهنجن ”علائقن“ ڏانهن روانا ٿي ويندا آهن. گذريل جمعو ان ڪري به ”غير معمولي“ نظر اچي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته ان ڏينهن جمعي جي نماز کانپوءِ به سينيٽ جو اجلاس جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جنھن جو واحد مقصد فقط اهو ئي هو ته ان ”قرارداد“ کي پيش ڪرڻ جو ”داءُ“ لڳائي قوم کي پريشان ڪيو وڃي.
ذڪر ڪيل قرارداد ان ڏينهن جي ايجنڊا ۾ ضرور شامل هئي. پر سينيٽ چيئرمين ان کي”ترجيحي بنياد“ تي فراهم ڪرڻ جو اختيار استعمال ڪرڻ جي لاءِ مجبور ھو.موصوف اھو وڏي فياضي سان استعمال ڪيو۽ اھا تڪڙي منظور ٿي وئي. ٺهراءُ پاس ٿيو ته نيوز چينلز ۾ ٽاڪوڙ پئجي ويو.بينڊ باجي ڄڃ سميت ”بريڪنگ نيوز“ آئي. جنهن کان پوءِ لاڳاپيل ”سينئر تجزيه نگار“ منظور ٿيل قرارداد جي ” امڪاني اثرن“ تي سنجيدگيءَ سان بحث ڪندا رهيا. بدقسمتي سان منهنجي عمر جي ڪري، مان بھ هاڻي "سينئر تجزيه نگارن” جي جنس ۾ڳڻجان ٿو.مان قيلولھ جي تياري ڪري رهيو هوس ته لاڳاپيل ٽي ويءَ کان ٽيليفون ڪال آئي ۽ اينڪرز جي سوالن جي سامھون پيش ڪيو ويس.
نھ رڳو مان، پر ٻين ڪيترن ئي چئنلن سان لاڳاپيل ”سينيئر تجزيه نگارن“ کي به ان حقيقت کي سمجھائڻ ۾ ڪافي وقت لڳي ويو تھ سينيٽ مان منظور ڪيل ”قرارداد“ جي ڪا به اهميت نه ھوندي آهي. ذڪر ڪيل ٺهراءُ ان ڪري بھ غور لائق نه آهي ڇو ته ان کي صرف 14 ميمبرن جي موجودگي ۾ 12 سينيٽرن جي حمايت ملي هئي. ”سينئر“ هجڻ ڪري اھا حقيقت سمجھائڻ ۾ مدد نه ملي رھي ھئي. بحيثيت قوم اسان ذهني طور تي طاقتور ادارن جي خواهشنجي مقابلي ۾ بلڪل بيوس ۽ لاچار محسوس ڪندا آهيون. اسان جو آئين "لکيل” ھئڻ باوجود اڪثر عملي طور تي لاڳو نٿو ٿئي.طاقتور حلقن جي رچايل تماشن جا ڏهاڪن کان غلاميءَ ٿي ويل ذهن زور ڏيندا رھيا تھ دلاور خان اينڊ ڪمپنيءَ کي ”مقتدر“ سڏجندڙ حلقن طرفان اهو ٺهراءُ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هوندو.ان ڪري انھن جي ۽ سندس ساٿين طرفان فوري تعميل ڪئي وئي. ذهني طور تي بھرحال ھاڻي اسان کي
چونڊ جي ملتوي ٿيڻ جي لاءِ تيار ٿيڻو پوندو. قرارداد جي ”سنجيدگي“ تي ڌيان ڏيندڙن گھڙي جي لاءِ بھ، دلاور خان ۽ سندس ساٿين جي ”حقيقي اوقات“ ڄاڻڻ لاءِ تيار نه هئا. آخر ۾ اليڪشن ڪميشن واضح لفظن ۾ اعلان ڪيو ته جمعي تي سينيٽ مان پاس ڪيل قرارداد 8 فيبروري 2024ع جي چونڊن ۾ دير نه ڪرائي سگھندي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ سندس ڪجهه معزز ساٿي اڳ ۾ ئي ان تاريخ کي پٿر تي لڪير سڏي رهيا آهن.
طاقتور حلقن جي سازش جي 1950ع کان وٺي عادي بڻيل لاچار عوام اهو سمجهڻ لاءِ تيار ناهي ته جيڪڏهن 8 فيبروري 2024ع تي چونڊون نه ڪرايون ويون ته آمريڪا ۽ ان جا اتحادي، آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ جهڙن ادارن ذريعي اسان کي سري لنڪا بڻائي ڪري ڪجهه مهينا ڏيوالي ٿيڻ بعد، پاڪستان کي برما، اتر ڪوريا وانگر عالمي اڪيلائي ڏانهن ڌڪڻ شروع ڪندا.اقتصادي طور نازل ٿيل معاشي عالمي تنھائي ان جي شھرين جي لاءِ ڪھڙو غذاب آڻي ٿي ان جو اندازو لڳائڻ ھجي تھ پاڙيسري ملڪ افغانستان ۾ ڪجهھ ڏينھن گھاري اچو. خدا جي واسطي هن ملڪ تي رحم ڪريو. دنيا جي سامھون پاڪستان کي مسخرن جو ملڪ ثابت نه ڪريو. دلاور خان جهڙن ڪردارن کي ٽڪ ٽاڪ وڊيوز جيان تصور ڪري دل خوش رکو.