اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) اسلام آباد جي احتساب عدالت برطانيا کان آيل 190 ملين پائونڊ واري ڪيس ۾ ملڪ رياض، سندس پٽ علي رياض، فرح گوگي، زلفي بخاري، شهزاد اڪبر ۽ ضيا الاسلام جا اثاثا ۽ بئنڪ اڪائونٽ منجمد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيوآهي.
عدالت جوابدارن جي نالي رجسٽرڊ ٿيل گاڏيون به ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، جڏهن ته مسلسل غير حاضر رهڻ تي 6 جوابدارن جا دائمي گرفتاري وارنٽ به جاري ڪيا ويا آهن، ان کان اڳ عدالت 6 جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏنو هو.
عدالت جي حڪم کانپوءِ بحريا ٽائون جا ترقياتي ڪم ٺپ ٿي ويا آهن، جڏهن ته بحريا ٽائون جا رهائشي ۽ الاٽيز به پريشان ٿي ويا آهن، ڇاڪاڻ ته بحريا ٽائون رهندڙن وٽ صرف گهر جا مالڪاڻا حق آهن، باقي پلاٽ جو مالڪ ملڪ رياض پاڻ آهي، اهو به وڏو فراڊ آهي ته پلاٽ بڪ ڪرائيندڙن کي حتمي مالڪي جا ڪاغذ ڏيڻ وقت صرف گهرن جا مالڪاڻا حق ڏئي انڌيري ۾ رکيو ويندو آهي. پلاٽ جا هو مالڪ نه هوندا آهن.
اهو امڪان آهي ته عدالت انهن رهائشين کي پلاٽ جي مالڪي به ڏئي جنهن کانپوءِ ملڪ رياض مڪمل طور ڏيوالو ٿي ويندو. ڇو ته سندس رهيل زمين نيلام ٿيڻ جا به امڪان آهن، صرف بحريا ٽائون ۾ رهندڙن کي گهر پلاٽ بڪ ڪرايا آهن ۽ قسطون ادا ڪيون آهن، انهن کي پلاٽن جي مالڪي ملي سگهي ٿي.
جڏهن ته بحريا ٽائون ۾ ملازمت ڪندڙ رٽائرڊ جنرل، جج ۽ ڪامورا بي روزگار ٿي ويندا ڇاڪاڻ ته ملڪ رياص جا بئنڪ اڪائونٽ منجمد ٿيڻ سبب کين پگهارون ۽ ٻيون مراعتون ملڻ بند ٿي وينديون جنهن ڪري عدالتي فيصلي سان وڏو ڀونچال اچي ويو آهي، ان ڪري جو بحريا ٽائون جي ملازمن جو انگ لکن ۾ آهي جن ۾ هزارين رٽائر جنرل، جج ۽ ڪامورا شامل آهن.
نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اربع 10 جنوري 2024ع تي شايع ٿي