وارھ (رپورٽ: منظورقريشي ) وارھ نصيرآباد جي تڪ پي ايس 17 تي پ پ پ جي ٽڪيٽ اڳوڻي ايم پي اي برھان خان چانڊيو کي ملڻ تي پ پ مقامي قيادت ۾ اندروني اختلاف سخت وڌي ويا، تعلقي وارھ جي صدر رياض الدين ابڙو عهدي تا استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، وارھ نصيرآباد جي تڪ Ps17جي ٽڪيٽ اڳوڻي ايم پي اي برھان خان چانڊيو کي ملڻ بعدخوشي ۾ نعريبازي ۽ فائرنگ گلن جي ورکا، ساڳي ئي تڪ تي تعلقي وارھ جي صدر رياض الدين ابڙو ۽ ٻين پاران نامزدگي فارم ڀرايو ويو ھو، پ پ جي ٽڪيٽ ھڪ ڀيرو ٻيهر برھان خان کي ڏيڻ جو فيصلو اچڻ بعد سندس سپورٽرن پاران خوشي ۾ فائرنگ نعريبازي ڪئي وئي، اھڙي رويي ۽ ٽڪيٽ معاملي تي اعتماد ۾ نه وٺڻ تي تعلقي صدر رياض الدين ابڙو پاران عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي، ھن اھڙو اظھار سوشل ميڊيا تي پڻ جاري ڪري ڇڏيو جنهن ۾ ھن چيو ته زندگي جا 50سالن سميت سڀ ڪجھه پارٽي کي ارپي ڇڏيا، 1974کان مختلف عهدن تي رھيس جيل ڪاٽيم اڳلي جهان ۽ اولاد لاءِ ڪجھ به نه ڪري سگهيس، افسوس پارٽي نظرياتي ڪارڪنن کي نظر انداز ڪري ھاءِ برڊ مفادپرستن کي اڳتي پئي آڻي ، ھاڻي سگھه نه رھي آھي، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شھيد راڻي جو پرچم مرڻ گهڙي تائين نه ڇڏيندس اڄ به انهن جو جيالو آھيان، ٻئي طرف رياض الدين طرفان عهدو ڇڏڻ تي تعلقي آفيس ۾ مقامي قيادت ھنگامي اجلاس گھرائي ورتو جن بيان جاري ڪندي چيو ته رياض الدين ابڙو پارٽي اثاثو آھي جنهن سموري زندگي پارٽي کي ارپي ڇڏي ھنن اعليٰ قيادت کان نظر ثاني جي گھر ڪئي ۽ چيو ته اعليٰ قيادت معاملي تي نظرثاني ڪري.
پ پ پاران عاجز ڌامراهه ۽ سليم مانڊوي والا سميت ٻين کي ٽڪيٽون جاري
ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي وڌيڪ تڪن تي اميدوارن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان لياري جي صوبائي تڪ پي ايس 108 تان ملڪ فياض کي پارٽي طرفان ٽڪيٽ جاري ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پي ايس 88 تان سيد مزمل شاهه اميدوار هوندو ۽ اين اي 192 تان مير شبير بجاراڻي کي ٽڪيٽ ڏنو ويو آهي. گهوٽڪي جي تڪ پي ايس 18 تان شهريار شر پارٽي اميدوار هوندو. سکر جي سيٽ اين اي 200 تان نعمان اسلام شيخ کي ٽڪيٽ ڏني وئي آهي. جڏهن ته سينيٽر سليم مانڊوي والا کي ڪراچي جي تڪ اين اي 240 تان ٽڪيٽ ڏني وئي آهي. هوڏانهن حيدرآباد جي صوبائي تڪ پي ايس 64 تان عاجز ڌامراهه کي پارٽي طرفان ٽڪيٽ جاري ڪيو ويو آهي.
پ پ اميدوارن جي حق ۾ ٻين سمورن ماڻهن کي هٿ کڻڻ جي هدايت
ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي اعلان ڪيل اميدوارن جي حق ۾ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائيندڙ ٻين سمورن ماڻهن کي هٿ کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ان ڏس ۾ پيپلزپارٽي جي سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو ته سنڌ صوبي ۾ نامزد اميدوارن کان سواءِ پارٽي جا سمورا ماڻهو تڪن تان هٿ کڻي وڃن هن چيو ته نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائيندڙ ماڻهو پارٽي پاران اعلان ڪيل اميدوار جي حق ۾ بنا دير هٿ کڻن، هن چيو ته هٿ کڻڻ جي رسيد پيپلزپارٽي جي صوبائي رابطا سيڪريٽري کي اماڻي وڃي. اعلان يل اميداورن کي ئي پارٽي ٽڪيٽ جاري ٿيندي، نثار کهڙو پاران اميدوارن کي اها به هدايت ڪئي وئي آهي ته جيڪڏهن تڪن ۾ ان جي خلاف پارٽي جو ڪو ورڪر يا اڳواڻ اليڪشن لاءِ بيٺو هجي ته فوري طور تي پارٽي قيادت کي آگاهه ڪيو وڃي ته جيئن ان جي خلاف ڪارروائي ٿي سگهي. هن چيو ته اسان 8 فيبروري تي سڄي ملڪ ۾ سرپرائيز ڏينداسين ۽ سنڌ ۾ اسان جو ڪوئي مقابلو ناهي. اسان جي ٽڪيٽ هولڊر اميدوارن کان علاوه ڪوئي جيالو نه بيهندو.
ڄام مهتاب نظرانداز، پ پ شهريار شر کي ٽڪيٽ ڏئي ڇڏي
ڏهرڪي (عوامي آواز نيوز) سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جيالي کي وساري ڇڏيو، ڏهرڪي ۾ ڄام مهتاب ڏهر بدران شهريار شر کي ٽڪيٽ ڏني ئي، پ پ ڏهرڪي مان ڄام مهتاب ڏهر کي نظرانداز ڪندي پارٽي ٽڪيٽ پي ٽي آءِ ڇڏيندڙ شهريار شر حوالي ڪري ڇڏي، شهريار شر کي پي ايس 18 تان ٽڪيٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو، واضح رهي ته شهريار شر 2018 جي چونڊن ۾ تحريڪ انصاف جي ٽڪيٽ تي چونڊ وڙهيو هو، هو 2021 ۾ تحريڪ انصاف ڇڏي پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيو هو، هوڏانهن گذريل چونڊن ۾ شڪست کي منهن ڏيندڙ ڄام مهتاب ڏهر ايندڙ عام چونڊون آزاد حيثيت ۾ وڙهڻ جو اعلان ڪيو آهي.
مٽياري ۾ پيپلزپارٽي لاءِ نئون ڏچو، ٽڪيٽ نه ملڻ تان بغاوت شروع
مٽياري (رپورٽ: ضمير خاصخيلي) ايندڙ عام چونڊن لاءِ پيپلز پارٽي پاران پوري سنڌ مان اميدوارن جو اعلان ڪيو ويو آھي اھڙي طرح مٽياري ضلعي جون به ٽئي سيٽون اين اي 216 . پي ايس 56 ۽ پي ايس 57 جون ٽڪيٽون مخدوم ھائوس حوالي ڪرڻ خلاف پيپلز پارٽي ضلعي مٽياري ۾ سخت اندروني اختلاف سامھون اچي ويا، اين اي 216 ۽ پي ايس 57 تي چونڊ وڙھڻ لاءِ پارٽي کي ٽڪيٽ ڏيڻ لاءِ درخواست ڏيندڙ پي پي سينيٽر سيد محمد علي شاھ ٽئي ٽڪيٽون مخدوم ھائوس حوالي ڪرڻ خلاف سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪيو آھي جنھن بعد گذريل ڏينھن نواز ليگ وفد جي به پي پي سينيٽر سان ملاقات جا اطلاع، صلاح مشوري لاءِ پي پي سينيٽر پنھنجي حامين ۽ ھم خيالن جو ڪٺ طلب ڪري ورتو جنھن ۾ اليڪشن بابت اھم فيصلا اچڻ جا امڪان ظاھر ڪيا پيا وڃن، ٻئي پاسي پي ايس 57 مٽياري تي نامزدگي فارم جمع ڪرائيندڙ پي پي ضلع مٽياري جي صدر سيد علي حسين شاھ پڻ پارٽي قيادت پاران ٽئي ٽڪيٽون مخدوم ھائوس حوالي ڪرڻ خلاف شديد خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو، پي پي ضلعي مٽياري جي صدر جو چوڻ ھو ته پوئين 15 سالن کان ضلعي جون ٽئي ٽڪيٽون ھڪ ئي خاندان حوالي ڪرڻ سان پارٽي جي سينيئر ورڪرن ۾ ڪاوڙ جي لھر ڇانيل آھي، پارٽي جي اھڙن فيصلن سان پارٽي ڪارڪنن جي دل آزاري ٿئي ٿي پيپلز پارٽي مٽياري ۾ صرف ھڪ خاندان جي رحم وڪرم تي ڇڏي پئي وڃي، پي پي ضلعي صدر جو چوڻ ھو ته جيڪڏهن پارٽي ٽڪيٽن واري فيصلي تي نظرثاني ڪندي ٽڪيٽ اگر مٽياري واسي سيد محمد علي شاھ ڄاموٽ کي ڏني ته مان اليڪشن مان ھٿ کڻندس پر جي پارٽي قيادت فيصلي تي نظرثاني نه ڪئي ته پوءِ آئون آزاد حيثيت ۾ اليڪشن وڙھندس .