ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا سروسز سستي جو شڪار ٿيڻ جون شڪايتون سامهون آيون آهن.
ڪيترائي واهپيدار شڪايت ڪري رهيا آهن ته ٽويٽر، فيس بڪ، يوٽيوب ۽ ٽڪ ٽاڪ تائين رسائي ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي جڏهن ته انٽرنيٽ برائوزنگ ڪجهه بهتر ڪم ڪري رهي آهي.
پي ٽي اي جو ان حوالي سان هن وقت تائين بيان سامهون ناهي آيو.