اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري عمر حميد جي استعيفيٰ جي خبر تي اليڪشن ڪميشن ترجمان وضاحت جاري ڪري ڇڏي.
اليڪشن ڪميشن ترجمان پنهنجي بيان ۾ واضح ڪيو آهي ته اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري ڪورونا سبب موڪل تي آهي ۽ ان جي استعيفيٰ بابت ڪا اپ ڊيٽ ناهي.
هن چيو ته عمر حميد هڪ ذهين ۽ محنتي آفيسر آهي، جيڪو بهتر انداز ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، سندس طبعيت ڪجهه ڏينهن کان خراب هئي ۽ هن وقت ميڊيڪل ريسٽ تي آهي، کيس صحت اجازت ڏني ته جلد پنهنجا فرض انجام ڏيندو.
سندس چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن مڪمل طور فعال آهي ۽ ان جي ڪنهن به ڪم ۾ رنڊڪ ناهي، موڪلن جي ڏينهن ۾ به اليڪشن ڪميشن جون آفيسون کليل آهن ۽ سيڪريٽري جي غير موجودگي ۾ اسپيشل سيڪريٽري سٺي طريقي سان ڪم هلائي رهيو آهي.
Prev Post
You might also like