لاهور ۾ مفت کاڌو نه ڏيڻ تي پوليس اهلڪارن جو هوٽل ملازم تي تشدد

لاهور (ويب ڊيسڪ) بيگم ڪوٽ چوڪي جي پوليس اهلڪارن مفت کاڌو نه ڏيڻ تي هوٽل ملازم کي تشدد جو نشانو بڻائي ڇڏيو.
واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيج منظر تي اچي ويا، جڏهن ته هوٽل مالڪ پوليس اهلڪارن خلاف ڊي آءِ جي آپريشنز کي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي.
درخواست ۾ ٻڌايو ويو ته پوليس ملازم شراب جي نشي ۾ ڌت ٿي هوٽل آيا ۽ بيف ڪڙاهي ڏيڻ جو چيو، هوٽل ملازم پئسا گهريا ته اهي ڪاوڙ ۾ اچي ويا ۽ کيس پوليس وين ۾ وجهي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون به ڏيندا رهيا.
هوٽل ملازم جو چوڻ آهي ته مون سان پوليس اهلڪارن وڏي زيادتي ڪئي آهي، انصاف ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.