ڪرم ۾ مسافر ڪوچ ۽ ڪار تي فائرنگ، سيڪيورٽي اهلڪارن سميت 4 ڄڻا مارجي ويا

ڪرم (ويب ڊيسڪ) ڪرم ۾ مسافر ڪوچ ۽ ڪار تي فائرنگ ۾ عورت ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن سميت 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا.
ڊي پي او ڪرم محمد عمران موجب صده بازار ڀرسان مسافر ڪوچ ۽ ڪار تي هٿياربندن فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا.
ڊي پي او ٻڌايو ته حملي آورن پارا چنار کان پشاور ويندڙ ٻن گاڏين کي نشانو بڻايو، فائرنگ ۾ هڪ گاڏي جو ڊرائيور، ٻه سيڪيورٽي اهلڪار ۽ هڪ عورت مارجي وئي.
سندس چوڻ هو ته جوابدارن جي گرفتاري جون ڪوششون جاري آهن ۽ علائقي ۾ سيڪيورٽي وڌائي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.