خيرپور ( رپورٽ: شاهد نواز سيال ) پيپلز پارٽي جي اڳوڻي صوبائي صلاحڪار نواب وساڻ چيو آهي ته پيپلز پارٽي پاران خيرپور ضلعي ۾ ڪيٽن جي ورڇ واري فيصلي کانپوءِ منهنجي خلاف حقيقتن جي ابتڙ افواهه پکيڙيا پيا وڃن، جن ۾ ڪا به صداقت ناهي، ميڊيا ذريعي عوام کي ٻڌيان ٿو ته پارٽي قيادت جو فيصلو قبول آهي. خيرپور جي وساڻ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نواب وساڻ چيو ته خيرپور جي عوام جي محبتن ۽ احساسن جو قدر آهي، عوام سان گڏ آهيان ۽ گڏ رهندس. نواب وساڻ چيو ته بلاول ڀٽو کي وزير اعظم بڻائڻ خواب آهي، جنهن لاءِ ايندڙ عام چونڊن ۾ خيرپور، سنڌ ۽ پاڪستان جي عوام سان گڏجي پنهنجي جاکوڙ ڪندس، نواب وساڻ وڌيڪ چيو ته آصف زرداري ملڪ جو نامور سياستدان آهي، جنهن کي مخالف به مڃڻ تي مجبور آهن.