اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي آءِ باني جي وڪيل نعيم پنجوٿا جا سرگودا مان نامزدگي ڪاغذ منظور ٿي ويا، ان حوالي سان ٽربيونل رٽرننگ آفيسر جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. اپيل هيٺ ٽربيونل جي جج اسجد جاويد گهرال اپيل تي ٻڌڻي ڪئي هئي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني جي قانوني معاملن واري ترجمان نعيم حيدر پنجوٿا مريم نواز جي مقابلي ۾نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا. ان معاملي تي اپيل ۾ موقف ڏنو ويو هو ته نعيم پنجوٿا جا پ پ 80، اين اين 82 ۽ پ پ 71 تان نامزدگي ڪاغذ قانون جي خلاف رد ٿيا.
سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ليڊي ويڪسينيٽرز کي اليڪٽرڪ بائيڪ ڏيڻ جو فيصلو
ڪراچي (م ڊ) سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ليڊي ويڪسي نيٽرز کي اليڪٽرڪ بائيڪ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. اليڪٽرڪ بائيڪون ايندڙ هفتي ورهايو وينديون. تفصيل موجب صحت جي عالمي اداري ۽ سنڌ جي صحت جي هڪ کاتي جو وڏو قدم سامهون آيو آهي. صحت کاتي ٻڌايو ته 55 ويڪسي نيٽرز کي بائيڪ فراهم ڪيو وينديون. ليڊي ويڪسي نيٽرز فيڪس پوائنٽ ۽ ٻين هنڌن تي ويڪس لڳائينديون. 12 خطرناڪ بيمارين کان حفاظت لاءِ سڄي سنڌ ۾ اپاءُ ورتا پيا وڃن. ليڊي ويڪسي نيٽرز کي هاڻي ٻين گاڏين جي ذريعي سينٽر ۾ پهچڻ جي ضروت نه پوندي ان سان گڏ ئي ويڪسي نيٽرز جو مخصوص يونيفارمز به مخصوص ڪيو ويندو ۽ عورتن کي بائيڪ هلائڻ جي ٽريننگ ٻن ٽن ڏينهن ۾ ليڊي ٽرينر ڏينديون. ليڊي ويڪسي نيٽرز ۾ اليڪٽر بائيڪ ايندڙ هفتي ورهايون وينديون. اي پي آءِ پاران ٽي بي، پوليو، وڏو بخار، نمونيا، کنگهه، ٽائي فائيڊ ۽ ٻيو بيماريون شامل آهن.
ايبٽ آباد: نوازشريف جي ڪاغذن تي اعتراض، ٻڌڻي 8 جنوري تائين ملتوي
ايبٽ آباد(اين اين آءِ) ايبت آباد ۾ اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جي نامزدگي ڪاغذن تي اعتراض جي معاملي تي اليڪشن ٽربيونل ٻڌڻي 8 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي، نواز شريف طرفان بئريسٽر جهانگيير جدون ٽربيونل ۾ پيش ٿيو. اليڪشن ٽربيونل چيو ته پارليامينٽ ميمبرن جي اهليت جو ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ٻڌڻي هيٺ آهي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي جو انتظار آهي.