اسلام آباد(م ڊ) سينيٽ ۾ اليڪشن ملتوي ڪرڻ جي ٺهراءُ جي حمايت ڪرڻ تي پ پ قيادت جو ايڪشن ،پارٽي سينيٽر بهره مند تنگي کي شوڪاز نوٽيس جاري،قيادت جي هدايت تي پارٽي سيڪريٽري جنرل نير بخاري شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو، نوٽيس ۾ چيو ويو ته توهان پارٽي قيادت ۽ پارٽي پاليسي جي ڀڃڪڙي ڪري، واضح ڪريو ته توهان قرارداد جي حمايت ڇو ڪئي ۽ حمايت ۾ تقرير ڇو ڪئي؟توهان کي خبر آهي ته پارٽي 8 فيبروري تي چونڊن لاءِ پرعزم آهي ان جي باوجود توهان قرارداد جي حمايت ڇو ڪئي، هڪ هفتي ۾ شوڪاز نوٽيس جو جواب ڏيو