مون،پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ ٺهراءُ جي مخالفت ڪئي: بهره مند تنگي

اسلام آباد(م ڊ)پ پ سينيٽر بهره مند تنگي چيو ته 2 وڳي ٻيهر سيشن شروع ٿيو،مون کي رات کان ڌمڪيون ۽ گارين وارا ميسيج  ملي رهيا هئا، مون ٻه ڏينهن اڳ ۾ جڏهن قرارداد منظور ڪرائي ته مون کي ٻين ملڪن مان ڌمڪيون ملي رهيون هيون،ان قرارداد ۾ مون پاڪ فوج خلاف پروپيگنڊا جي مذمت ڪئي هئي ۽مون چيو ته سينيٽ چيئرمين مون کي تقرير ڪرڻ جي اجازت ڏئي ته جيئن مان ٻڌايان ته فوج خلاف پروپيگنڊا جو اشو اٿاري سگهان،هن چيو ته قرارداد اوچتو اچي وئي، دلاور خان کي سنجراڻي صاحب اجازت ڏني، سينيٽر افنان الله خان ان ٺهراءُ جي مخالفت ڪئي، گرديپ سنگهه ۽ مان گڏ ويٺل هئا،اسان ٽنهي سينيٽرن ان قرارداد جي مخالفت ڪئي، مون ”نو“ چيو هو، مان بلڪل خاموش نه هئس، گرديپ سنگهه ۽ مان ٻه ڀيرا ”نو“ چيو هو، پ پ، نواز ليگ ۽ جي يو آءِ جا سينيٽر هجن ها ته اهو ٺهراءُ منظور نه ٿئي ها، غلطي ٿي وئي،مون ڪورم جي نشاندهي به نه ڪئي، اها غلطي ٿي مون کان،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.