ڪيپ ٽائون ( ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان روهت شرما ڏکن آفريڪا خلاف ٽيسٽ ميچ کٽڻ کانپوءِ آءِ سي سي ميچ ريفريز کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
پريس ڪانفرنس دوران روهت شرما ٽيسٽ ميچ جي پِچ تي سڌي ريت تنقيد ناهي ڪئي پر گڏوگڏ هن ڀارتي پِچن تي ٿيندڙ تنقيد خلاف به اندر باهه ڪڍي ڇڏي .
روهت شرما چيو ته جڏهن اوهان هتي ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏڻ اچو ٿا ته اوهان ٽيسٽ ڪرڪيٽ بابت ڳالهائيندا آهيو جيڪا هڪ بهترين شيءَ آهي ۽ پوءِ اوهان کي پنهنجي ڳالهين تي قائم به رهڻو پوندو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب، اڳوڻي انگلش اوپنر ڪرس براڊ کي ڀارت ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ کيڏيل ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز لاءِ آءِ سي سي پاران ميچ ريفري مقرر ڪيو ويو هو ۽ روهت شرما کي لڳي ٿو ته آءِ سي سي جي فهرست ۾ شامل ريفريز کي غيرجانبدار هئڻ گهرجي.
روهت شرما احمد آباد ۾ کيڏيل عالمي ڪپ فائنل جي پِچ کي ” ايوريج “ قرار ڏيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته کيس اڃا تائين يقين نه ٿو اچي ته عالمي ڪپ فائنل جي پِچ کي ايوريج قرار ڏنو ويو هو.
هن چيو ته فائنل ۾ هڪ بيٽر سينچري ٺاهي هئي اِها خراب ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ .
روهت شرما چيو ته آءِ سي سي ۽ ميچ ريفريز کي ان تي غور ڪرڻ گهرجي، اسان کي اميد آهي ته هو پنهنجون اکيون ۽ ڪَن کوليندا ۽ معاملي تي ويچاريندا.
You might also like