دنيا ۾ گھڻا سيڪڙو نوجوان سوشل ميڊيا جي عادت ۾ مبتلا آهن؟ماهرن جي تحقيق

ڪيمبرج (ويب ڊيسڪ) هڪ نئين تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته تقريبن 50 سيڪڙو نوجوان سمجهن ٿا ته هو سوشل ميڊيا جي عادت ۾ مبتلا آهن.
يونيورسٽي آف ڪيمبرج ۾ ڪيل تحقيق جي شروعاتي نتيجن ۾ محققن جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا سان ماڻهن جو واسطو رويي جي عادت جهڙو ٿي سگھي ٿو.
تحقيق ۾ ڪيمبرج يونيورسٽي جي ٽيم ملينيئم ڪوهورٽ اسٽڊي مان حاصل ڪيل ڊيٽا جو تجزيو ڪري رهي آهي. اهو مطالبعو يونيورسٽي آف لنڊن ۾ سينٽر فار لونگيٽيوڊنل اسٽڊيز پاران ڪيو ويو آهي.
ان مطالعي ۾ 2000 کان 2001ع جي وچ ۾ برطانيا ۾ ڄاول 18 هزار کان وڌيڪ ٻارن جي زندگين جو مطالبو ڪيو ته جيئن 21 هين صديءَ جي شروعات ۾ پيدا ٿيندڙ ٻارن جي پس منظر کي رڪارڊ ڪري سگھجي.
ڪيمبرج جي محققن جائزي ۾ ڏٺو ته سروي ۾ ڪيل 7022 ماڻهن جي 48 سيڪڙو حصي ”منهنجو خيال آهي ته آئون سوشل ميڊيا جي عادت ۾ مبتلا آهن“جي جملي سان اتفاق ڪيو.
اهو ڊيٽا جنوري 2018 کان مارچ 2019ع وچ ۾ گڏ ڪيو ويو هو، جنهن وقت انهن ماڻهن جي عمر 17 سال هئي.
سروي ۾ شريڪ انهن سڀني ماڻهن کي اهو لڳندو هو ته هو ان عادت ۾ مبتلا آهن انهن ۾ ڇوڪرين (27 سيڪڙو) جي ڀيٽ ۾ ڇوڪرن (57 سيڪڙو) جي شرح وڌيڪ هئي.
يونيورسٽي آف ڪيمبرج جي گريجوئيٽ شاگردن ۽ تحقيق جي سربراهه جورجيا ٽرنر جو چوڻ هو ته محققن اهو نه چئي رهيا آهن ته کين محسوس ٿيندو آهي ته هنن جو پنهنجي رويي تي ڪنٽرول نه آهي، تنهنڪري اها ڪافي حيران ڪندڙ شيءَ آهي ته ڪيترائي ماڻهو ائين محسوس ڪندا آهن.
جورجيا ٽرنر چيو ته تحقيق ٻڌائي ٿي ته سوشل ميڊيا جي عادت منشيات جي عادت جي طرز تي اثرانداز ٿي سگھي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.