پاڪستان خلاف پنهنجي ڪيريئر جي آخري ٽيسٽ ميچ کان اڳ آسٽريلوي اوپنر ڊيوڊ وارنر جي مبينا طور گم ٿيل ٽوپي نيٺ ملي وئي.
پاڪستان خلاف سڊني ۾ جاري ٽيسٽ ميچ ڊيوڊ وارنر جي ڪيريئر جي آخري ٽيسٽ ميچ آهي، پنهنجي الوداعي ميچ کان اڳ ڊيوڊ وارنر جي ٽيسٽ ڪيپ Baggy green سندس سامان مان مبينا طور گم ٿي وئي هئي.
سوشل ميڊيا تي وڊيو پوسٽ ڪندي ڊيوڊ وارنر ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان خلاف آخري ٽيسٽ ميچ کيڏڻ لاءِ ميلبورن کان سڊني جي سفر دوران سندس ڪيپ بيگ ۾ هئي پر پوءِ ڪو همراهه سامان مان اِها بيگ ڪيپ سميت کڻي ويو.
هن درخواست ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن به منهنجي بيگ هٿ اچي ته هو اِها ٽيسٽ ڪيپ مون ڏانهن ڏياري موڪلي.
ڪجهه ڏينهن انتظار ڪرڻ کانپوءِ ڊيوڊ وارنر کي پنهنجي ٽيسٽ ڪيپ نيٺ واپس ملي وئي، اِها خوشخبري هن سوشل ميڊيا تي پنهنجي وڊيو جاري ڪندي ٻڌائي.
View this post on Instagram
وارنر وڊيو بيان ۾ چيو ته” اوهان سڀني کي ٻڌائيندي ڏاڍو خوش ۽ راحت محسوس ڪري رهيون آهيان ته منهنجي ٽوپي ملي وئي آهي“.
اِهو واضح ناهي ٿيو ته سندس اِها ٽيسٽ ڪيپ ڪٿان ملي ۽ اِها ڪير کڻي ويو هو.
ياد رهي ته Baggy green ڪيپ آسٽريلوي رانديگرن کي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ڊيبيو تي ڏني ويندي آهي.