چونڊون ملتوي ڪرڻ جي ٺهراءَ تي نگران حڪومت جو موقف سامهون اچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ جي ٺهراءَ تي وفاقي حڪومت جو موقف سامهون اچي ويو.
پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته چونڊون ڪرائڻ يا اهي ملتوي ڪرڻ جو اختيار رڳو اليڪشن ڪميشن وٽ آهي.
هن چيو ته سينيٽ ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ جي ٺهراءَ تي دليل ڏيڻ جو موقعو نه مليو، وزيراعظم يا ڪابينا طرفان چونڊون ملتوي ڪرڻ جي حوالي سان ڪو حڪم نه هو، اهو اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي، اسان ڪنهن آئيني اداري جي معاملن ۾ مداخلت نٿا ڪري سگهون.
سندس چوڻ هو ته ٺهراءَ ۾ حقيقي مسئلا پيش ڪيا ويا آهن، پارلياماني سياست ۽ چونڊن جي تاريخ ۾ اهي مسئلا اڳ به موجود رهيا، سيڪيورٽي جي فراهمي سميت موسم ۽ ٻين مسئلن جو خيال رکڻ حڪومت جي ذميواري آهي پر ڪنهن تڪ مان اهڙو اشارو ناهي مليو ته چونڊون ملتوي ٿيڻ گهرجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.