ڪيپ ٽائون ( ويب ڊيسڪ ) ڪيپ ٽائون ۾ ڀارت ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٽيسٽ ميچ ڏيڍ ڏينهن ۾ ختم ٿي وئي جنهن کانپوءِ ان ميچ تاريخ جي مختصر ترين ٽيسٽ ميچ جو اعزاز ماڻي ورتو .
ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي آخري ميچ ۾ مجموعي طور تي 642 بالن ۾ فيصلو ٿي ويو.
پهرين اننگز ۾ 55 رنسن تي آل آئوٽ ٿيندڙ ڏکڻ آفريڪي ٽيم ٻي اننگز ۾ 176 رنسن ٺاهي سگهي، ڀارت پهرين اننگز 153 رنسون ٺاهيون جنهن کي ميچ کٽڻ لاءِ رڳو 79 رنسن جو ٽارگيٽ مليو جيڪو هن آساني ٽن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري سيريز هڪ، هڪ تان برابر ڪري ورتي.
India emerge victorious within five sessions of play in the Cape Town Test to level the #SAvIND series 👊#WTC25 | 📝: https://t.co/eiCgIxfJNY pic.twitter.com/XpqaIEBeGk
— ICC (@ICC) January 4, 2024
ياد رهي ته 1932 ۾ آسٽريليا ڏکڻ آفريڪا خلاف ميچ 656 بالن ۾ کٽي هي جڏهن ته 1934 ۾ ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ جي ٽيسٽ ميچ 672 بالن ۾ مڪمل ٿي هئي،