سزا ٻڌائڻ تي جوابدار جو عدالت ۾ عورت جج مٿان حملو

آمريڪا (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ سزا ٻڌائڻ تي جوابدار عورت جج تي مُڪن جو وسارو ڪري ڏنو.
پرڏيهي ميڊيا موجب اهو واقعو آمريڪي شهر لاس ويگاس ۾ پيش آيو جتي هڪ جوابدار کي عدالت ۾ سزا ٻڌائي وئي.
ميڊيا رپورٽس موجب ڪلارڪ ڪائونٽي ڊسٽرڪٽ عدالت ۾ 30 ورهين جي جوابدار ڊيوبراريڊن کي عدالت جي ڪمري ۾ پيش ڪيو ويو جتي کيس نيواڊا ۽ ٽيڪساس ۾ ڪيترن ئي ڏوهن ۾ ملوث هجڻ تي سزا ٻڌائي وئي.
جوابدارن کي سزا عورت جج ميري ڪِي هولٿو ٻڌائي جنهن تي جوابدار برداشت نه ڪري سگھو ۽ ڪاوڙ ۾ اچي هن عورت جج جي بئنچ ڏانهن ٽپو ڏنو ۽ جج کي مُڪون هڻڻ شروع ڪري ڇڏيون.

ان سموري واقعي جي وڊيو به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي جنهن ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته عورت جج زمين ڪري ٿي جڏهن ته عدالتي ڪمري ۾ موجود سيڪيورٽي اهلڪارن جوابدار کي پڪڙڻ ڪوشش ڪئي پر جوابدار هن تي مُڪون وَسايون جنهن هڪ اهلڪار زخمي به ٿيو.
ان کانپوءِ ٻن کان ٽن اهلڪارن جوابدار کي پڪڙيو ۽ کيس عدالتي ڪمري کان ٻاهر وٺي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.