ملڪ يا پئسا؟ آءِ پي ايل فرنچائزز پاران پرڏيهي رانديگرن کي وڏي آڇ

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) آءِ پي ايل جي مشهور فرنچائز ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز انگلش اوپنر جيسن راءِ کي وڏي آڇ ڪري ڇڏي.
ميڊيا رپورٽن موجب، انگلش ڪرڪيٽ بورڊ ( اي سي بي ) سان معاهدو ختم ڪرڻ جي صورت ۾ انڊين پريميئر ليگ جي فرنچائز ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز جي ٽيم آمريڪي ٽي ٽوئنٽي ليگ ۾ کيڏڻ لاءِ جيسن راءِ کي 3.38 ڪروڙ ڀارتي رُپيا ادا ڪندي جڏهن ته بورڊ کيس ساليانو 66 هزار يورو يعني ( 66 لک رُپيا ) ڏيندو آهي.
فرنچائز ملڪ ۽ پئسن مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻ لاءِ جيسن راءِ کي آڇ پيش ڪري ڇڏي آهي.
ٻئي پاسي سوشل ميڊيا تي خبر سامهون آئي آهي ته انگلش ڪرڪيٽر جي حب الوطني تي مداحن سوال اُٿاريو جنهن جي جواب ۾ جيسن راءِ ايڪس ٽوئيٽ ڪندي چيو ته هو انگلينڊ کان پري ناهي ڪڏهن به قومي ٽيم نه ڇڏيندو.
هوڏانهن انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ رانديگرن کي پرڏيهي ليگز لاءِ اين او سي نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو، بورڊ جو چوڻ آهي ته معاهدي تحت رانديگرن کي ميجر ليگ ڪرڪيٽ کيڏڻ جي اجازت ڏني ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.