ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي ڊيولمپينٽ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل نويد انور چيو آهي ته شهرين کي بنيادي سهولتن ۾ پيش ايندڙ ڏکيائين ۽ سندن حل لاءِ جدوجهد ڪرڻ ڪراچي ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي ذميواري آهي ۽ ادارو اِها ذميواري بهتر طريقي سان ادا ڪري رهيو آهي، سمورا وسيلا ڀرپور نموني ڪتب آڻي رهيا آهيون.
آل ڪراچي ريزيڊنسي ايسوسيئيشن جي وفد ڊي جي ڪي ڊي اي نويد انور سان ملاقات ڪئي.
وفد ۾ آل ڪراچي ريذيڊنسي ايسوسيئيشن جو صدر رحمان، محمد اسلم، صابر حسين شاهه ۽ ٻيان ميمبر شامل هئا.
ملاقات دوران رئيل اسٽيٽ ڊيلرز جي مفادن جو تحفظ ۽ رئيل اسٽيٽ سيڪٽر جي ترقي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ڊي جي ڪي ڊي اي نويد انور چيو ته رئيل اسٽيٽ سيڪٽر جي ترقي لاءِ آل ڪراچي ريزيڊنسي ايسوسيئيشن جي هاڪاري تجويزن تي فوري طور عملدرآمد ڪرڻ لاءِ ادارو جوڳا قدم کڻڻ لاءِ تيار آهي.
هن چيو ته ڪراچي واسين لاءِ بهترين سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ ادارو هر وقت سرگرم آهي.
ان موقعي تي آل ڪراچي ريذيڊنسي ايسوسيئيشن جي صدر رحمان چيو ته نويد انور جي سربراهي ۾ ڪراچي ڊيولپمينٽ اٿارٽي کي نئين ۽ جدوجهد طريقن سان هم آهنگ ڪرڻ ۽ واهپيدارن کي ادارتي معاملن تائين پهچ حاصل ڪرڻ لاءِ کنيل قدم ساراهڻ جوڳا آهن.