مشهور ميسيجنگ ايپ ٽيليگرام ۾ نئين سال جي شروعات تي ڪيترن ئي نون
دبئي (ويب ڊيسڪ) مشهور ميسيجنگ ايپ ٽيليگرام ۾ نئين سال جي شروعات تي ڪيترن ئي نون فيچرز جو اضافو ڪيو ويو آهي.
ڪمپني پاران هڪ بلاگ پوسٽ ۾ ميسيجنگ ايپ لاءِ ڪال اسڪرين کي ري ڊزائين ڪرڻ، چيٽ بوٽس کي اپ گريڊ ڪرڻ ۽ ٻين تبديلين جو اعلان ڪيو ويو.
بلاگ ۾ ٻڌايو ويو ته ٽيليگرام جي ڪال اسڪرين کي نون بيڪ گرائونڊز ۽ اينيميشن سان ري ڊزائين ڪيو ويو آهي.
ڪمپني موجب ڪال ڪوالٽي کي به بهتر بڻايو ويو آهي.
اهڙيءَ طرح ٽيليگرام ۾ Thanos Snap effect نالي فيچر جو اضافو به ڪيو ويو آهي.
ان فيچر سان اينڊرائڊ ۽ آءِ او ايس ڊوائيسز ۾ ٽيليگرام ميسيجز ڊليٽ ڪرڻ تي هڪ دلچسپ اينيميشن ڏسڻ ۾ ايندي آهي.
ڪمپني موجب ٽيليگرام بوٽس ۾ به نمايان تبديليون ڪيون ويون آهن.
هاڻ اِهي چيٽ بوٽس ميسيجز تي ري ايڪٽ، چيٽس يا ٽاپڪس تي رپلاءِ ۽ ٻيا مختلف ڪم پاڻ ڪري سگھنداسين.
انهن نون فيچرز کي اينڊرائڊ ۽ آءِ او ايس واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي.
واضح رهي ته گذريل ڪجهه مهينن دوران ٽيليگرام ۾ ڪيترن ئي نون فيچرز جو اضافو ڪيو ويو آهي.