ڏهه سالا نااهلي جي بحالي: نيب کي عدالت مان فوري رليف نه ملي سگهيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نيب سزا يافتا ماڻهن جي ڏهه سالا نااهلي واري معاملي تي نيب کي عدالت مان فوري طور تي ڪو به رليف نه ملي سگهيو.
نيب پاران سزا يافتا ماڻهن جي ڏهه سالا نااهلي گهٽائي پنج سال ڪرڻ واري فيصلي خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي آهي، جيڪا عدالت چار جنوري تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي آهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني ۽ جسٽس ثمن رفعت نيب جي مک اپيل تي ٻڌڻي ڪئي، ان سلسلي ۾ سينيئر اسپيشل پراسيڪيوٽر نيب محمد رافع عدالت آڏو پيش ٿيو ۽ موقف اختيار ڪيو ته فائق علي جمالي خلاف بلوچستان ۾ نوَ ريفرنسز ۾ فيصلو ٿيو ۽ اليڪشن ڪميشن جي معاملن ۾ سنگل بئنچ جو فيصلو پيش ڪيو پيو وڃي.
عدالت سوال ڪيو ته اوهان متفرق درخواست ڇو داخل ڪئي؟ ان تي نيب پراسيڪيوٽر چيو ته اليڪشن لاءِ نامزدگي ڪاغذن تي اپيل داخل ڪرائڻ جي سڀاڻي آخري تاريخ آهي.
نيب پراسيڪيوٽر جي موقف تي عدالت چيو ته اِهو اسان جو مسئلو نه آهي، پرينهن مرڪزي اپيل سان گڏ هيءَ متفرق درخواست ٻڌنداسين پوءِ ڏسنداسين .
عدالت درخواست تي وڌيڪ ٻڌڻي چار جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.