ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪاميٽي جو اجلاس 3 جنوري تي لاهور ۾ طلب ڪري ورتو.
پيپلزپارٽي جي ميڊيا سيل طرفان جاري ڪيل بيان موجب بلاول ڀٽو 3 جنوري تي اربع ڏهاڙي
ٽي وڳي بلاول هائوس ۾ سينٽرل ايگزيڪٽو ڪاميٽي جو اجلاس طلب ڪيو آهي.
اجلاس ۾ ملڪي سياسي صورتحال ۽ عام چونڊن جي حوالي سان اهم فيصلا ٿيندا.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي عام چونڊن جي حوالي سان مهم ۽ منشور تي
سينٽرل ايگزيڪٽو ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهيون ڪيون ونديون.