اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ۾ گم ٿيل ۽ جبري گمشدگين خلاف ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪندي، جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس مسرت هلالي پڻ بئنچ جو حصو آهن.
اعتزاز احسن ۽ ٻين پاران گم ٿيل ماڻهن ۽ جبري گمشدگين خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواستون داخل ڪيون ويون هيون.