واٽس ايپ واهپيدارن جي وڏي پريشاني جو حل ڪڍي ورتو

دنيا ۾ اربين ماڻهن واٽس ايپ استعمال ڪري رهيا آهن، پر هاڻ ميسجنگ ايپ ۾ هڪ اهڙو فيچر متعارف ڪرايو پيو وڃي جيڪو ڪيئي ماڻهن جي پريشاني جو حل ثابت ٿيندو.

گهڻي قدر واٽس ايپ واهپيدار اوپرن ماڻهن سان پنهنجو فون نمبر شيئر ڪرڻ کان لنوائيندا آهن ڇو ته نمبر اشتهارن سميت مختلف مقصدن لاءِ سندن اجازت کانسواءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو.

واهپيدارن جي پريشاني کي نظر ۾ رکندي واٽس ايپ طرفان هڪ اهڙو فيچر متعارف ڪرايو پيو وڃي جيڪو فون نمبر کانسواءِ ماڻهن سان رابطو ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو.

ويب بيٽا انفو جي رپورٽ موجب، اينڊرائيڊ ڊيوائسز ۽ ويب واهپيدارن لاءِ واٽس ايپ ۾ يوزر نيم فيچر متعارف ڪرايو پيو وڃي.

ان فيچر ذريعي صارف پنهنجو هڪ يوزر نيم تيار ڪري اِهو دوستن، گهرڀاتين ۽ ڪانٽيڪٽس سان رابطي ۾ استعمال ڪري سگهندو.

جڏهن ڪو واهپيدار پنهنجو يوزر نيم تيار ڪري وٺندو ته سندس فون نمبر ٻين ماڻهن جي نظرن کان اوجهل ٿي ويندو جنهن سبب واهپيدارن جي سيڪيورٽي وڌيڪ مضبوط ٿي ويندي.

اِهو فيچر ڪجهه عرصو اڳ اينڊرائيڊ ڊيواسز لاءِ واٽس ايپ جي بيٽا ورجن ۾ متعارف ڪرايو ويو هو، هاڻ اِهو واٽس ايپ جي ويب ورجن جي بيٽا ورجن جو حصو بڻايو ويو آهي.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته واهپيدارن پنهنجو يوزر نيم تبديل ڪري سگهن ٿا جنهن ذريعي کين پروفائيل تي وڌيڪ ڪنٽرول ملي سگهندو.

ان سان گڏوگڏ واٽس ايپ جي ويب ورجن جي يوزر نيم انٽر فيس کي پڻ اَپ ڊيٽ ڪيو پيو وڃي.

ان اپ ڊيٽ کانپوءِ ڪميونٽيز، اسٽيٽس، چئنلز ۽ نيو چيٽ بٽڻ کاٻي پاسي سائيڊ بار ۾ منتقل ڪيا ويندا.

ڪمپني طرفان ويب ورزن جي ڊارڪ موڊ کي به بهتر بڻايو پيو وڃي ته جيئن مسلسل اسڪرين کي ڏسڻ سان اکيون وڌيڪ دٻاءُ جو شڪار نه ٿين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.