حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي ۽ زرداري ٽولي وٽ سنڌ جي خوشحالي جو ڪو بہ پروگرام ناھي. 2018 جي اليڪشن ۾ زرداري کي سنڌ پليٽ ۾ رکي ڏني وئي.
اياز لطيف پليجو پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي 15 سالن جي حڪومت سنڌ کي ترقي بدران ڪرپشن، منشيات، بدامني ۽ لاقانونيت ذريعي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو سنڌي ماڻهن کي زورگار ڏيڻ بدران کين پنڻ تي مجبور ڪيو ويو.
هن چيو ته پنهنجي جائز مطالبن لاءِ احتجاج ڪندڙ استادن، شاگردن، ليڊي هيلٿ ورڪرز، نرسن، ڊاڪٽرن، آبادگارن سميت سرڪاري ملازمن کي ڪراچي جي رستن تي تشدد جو نشانو بڻايو ويو.
اياز لطيف پليجو جو چوڻ هو ته سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن کي تين وال ڪيو ويو. اقتدار جي لالچ ۾ سنڌ جي وحدت کي داءَ تي لڳايو، مهانگائي جو طوفان برپا ڪيو، ھاري، مزدور ۽ غريب سوين ماڻھن آپگهات ڪيو.
سندس چوڻ هو ته سنڌ جو عوام 2024 جي اليڪشن ۾ ڪرپٽ زرداري مافيا کي رد ڪري ڇڏيندو. اقتدار کان اڳ ۾ نمائشي طور عوام جي حقن جون ڳالھيون ڪيون وڃن ٿيون پر اقتدار ملڻ کانپوءِ حڪمرانن کي عوام ياد نہ ھوندو آھي.
اياز لطيف پليجي چيو سڄي سنڌ بدامني جي باھ ۾ سڙي رھي آھي شھرن ۽ ڳوٺن جا روڊ رستا ڏوھارين جي حوالي ٿيل آھن. پوليس ڏوھارين اڳيان بيوس لڳي پئي آھي. سنڌ جو ھاري، مزدور ۽ غريب عوام مسئلن جي دلدل ۾ ڦاٿل آھي. سنڌ جون ٻھراڙيون بنيادي انساني حقن، تعليم ۽ صحت جي سھولتن کان محروم آهن.
Next Post
You might also like