مائڪرو سافٽ جي شريڪ باني بل گيٽس 2024 کي آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) ٽيڪنالاجي جو سال قرار ڏئي ڇڏيو.
2023 جي پڄاڻي تي ايندڙ سال لاءِ اڳڪٿي ڪندي بل گيٽس چيو ته 2024 اي آءِ ٽيڪنالاجي کي تبديل ڪندڙ سال ثابت ٿيندو.
10 صفحن تي ٻڌل هڪ خط ۾ بل گيٽس اميد ظاهر ڪئي ته ايندڙ سال ٿيندڙ اڳڀرائي سان هلندڙ سال دوران ان ٽيڪنالاجي جي پکيڙ جو بنياد رکڻ ۾ مدد ملندي.
هن چيو ته اي آءِ ٽيڪنالاجي سان ويڪسينز ۽ دوائن جي تياري جو عمل تيز ٿيندو، جنهن سان 5 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جون حياتيون بچائڻ ۾ مدد ملندي.
بل گيٽس موجب ايندڙ ورهين ۾ اي آءِ ٽيڪنالاجي سڄي دنيا ۾ عام ٿي ويندي ۽ اي آءِ ٽولز سان اسان کي عالمي صحت بابت گهڻو ڪجهه ڄاڻڻ جو موقعو ملندو.
هن اميد ظاهر ڪئي ته اينٽي بائيوٽڪس مزاحمت جي مسئلي تي ضابطي لاءِ به اي آءِ ٽيڪنالاجي مددگار ثابت ٿيندي.
Next Post
You might also like