هواوي جا چار نوان فون متعارف

سمارٽ فون ٺاهيندڙ چيني ڪمپني هواوي پنهنجي مشهور سيريز ”نووا“ جا چار نوان فونز متعارف ڪرائي ڇڏيا، جن مان ٻن فونز کي ٻن سيلفي ڪيمرائن سان گڏ پيش ڪيو ويو آهي.
هواوي ڪمپني ”نووا“ 12، ”نووا لائيٽ“، ”نووا 12 پرو“، ”نووا 12 الٽرا“ کي متعارف ڪرائيندي دعويٰ ڪئي آهي ته سڀني فونز جي ڪيمرائن کي جديد سينسرز ۽ فيچرز سان اپگريڊ ڪيو ويو آهي.
ڪمپني نووا 12 ۽ نووا 12 لائيٽ کي 7-6 انچن جي اسڪرين جڏهن ته سنگل سيلفي ڪيمرائن سان گڏ متعارف ڪرايو آهي، ٻنهي فونز ۾ 60 ميگا پڪسل جي فرنٽ ڪيمرا ڏني وئي آهي.
ٻنهي سستن فونز ۾ پٺيان ٻه ڪيمرائون ڏنيون ويون آهن، ٻنهي فونز جي مين ڪيمرا 50 جڏهن ته ٻي ڪيمرا 8 ميگا پڪسل جي آهي.
ٻنهي فوزن کي 8 جي بي ريم ۽ 512 جي بي ميموري جي ماڊلز ۾ پيش ڪيو ويو آهي، انهن ۾ فنگر پرنٽ سينسر سميت ٻيا سيڪيورٽي فيچرز به ڏنا ويا آهن.
نووا 12 ۽ نووا 12 لائيٽ ۾ 4600 ايم اي ايڇ بيٽري کي 66 واٽ فاسٽ چارجر سان گڏ متعارف ڪرايو ويو آهي ۽ انهن جو قيمت پاڪستان ۾ هڪ لک رپين تائين رکي وئي آهي.
اهڙيءَ طرح ڪمپني نووز 12 پرو ۽ نووا 12 الٽرا کي به متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي پر ڄاڻايل ٻنهي فونز جي فرنٽ تي ٻه سيلفي ڪيمرائون ڏنيون ويون آهن.
انهن فونز کي به 7-6 انچن جي اسڪرين ۽ فنگر پرنٽ سينسرز سميت ٻين سيڪيورٽي فيچرز سان گڏ متعارف ڪرايو ويو آهي.
انهن فونز جي فرنٽ تي 60 ۽ 8 ميگا پڪسل جون ٻه سيلفي ڪيمرائون ڏنيون ويون آهن جڏهن ته پٺيان به ٻه ٻه ڪيمرائون ڏنيون ويون آهن.
نووا 12 الٽرا ۽ نووا 12 پرو جي بيڪ تي مين ڪيمرا 50 ميگا پڪسل جڏهن ته ٻي 8 ميگا پڪسل جي ڏني وئي آهي.
انهن فونز جي بيٽري 4600 ايم اي ايڇ رکي وئي آهي، پر انهن ۾ طاقتور ۽ فاسٽ چارجر ڏنو ويو آهي جڏهن ته انهن کي 12 ۽ 16 جي بي ريم ۽ 512 جي بي ميموري سان گڏ پيش ڪيو ويو آهي.
ڪمپني پنهنجي چئني ماڊلز کي پنهنجي تيار ڪيل آپريٽنگ سسٽم هارموني او ايس ۾ پيش ڪيو آهي.
ڄاڻايل ٻنهي فونز جي قيمت پاڪستان ڏيڍ لک رپيان کان ٻه لک رپين تائين رکي وئي آهي، چئني فونز کي شروعاتي طور تي رڳو چين ۾ پيش ڪيو ويو آهي، پر انهن کي جلد پاڪستان سوڌو ٻين ملڪن ۾ به متعارف ڪرايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.