ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي ته ايندڙ عام چونڊن ۾ کڻي آءِ جي آءِ جهڙو اتحاد ئي ڇو نه ٺهي وڃي، پيپلزپارٽي کي هر چيلينج قبول اهي ۽ هو چونڊن کان پوئتي نه هٽندي.
پيپلزپارٽي جي اڳواڻ شيري رحمان پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو ته پيپلزپارٽي چونڊن کان پوئتي نه هٽندي، ان لاءِ غريب ۽ مظلوم هميشه پيپلزپارٽي ڏانهن ڏسندا آهن ڇو ته ماڻهن کي بنيادي حقن جي فراهمي اسان جي پهرين ترجيح آهي.
هن چيو ته چونڊن ۾ کڻي آءِ جي آءِ جهڙو اتحاد ٺهي وڃي، اسان کي هر چئلينج قبول آهي.