لڳي ٿو ته جلد شادي ڪنديس: حريم فاروق

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا حريم فاروق انڪشاف ڪيو آهي ته کيس لڳي ٿو ته هوءَ جلد شادي ڪري ڇڏيندي پر هن شادي جو وقت يا تاريخ ٻڌائڻ کان پاسو ڪيو.
حريم فاروق ماضي ۾ به مبهم انداز ۾ پنهنجي شادي بابت ڳالهيون ڪندي رهي آهي، ڪجهه عرصو اڳ هن چيو هو ته جيئن ئي هوءَ ڪجهه وقت لاءِ اسڪرين کان پري ٿي وڃي ته ماڻهو سمجهن متان هن شادي ڪري ڇڏي آهي.
تازو ئي اداڪارا خانگي ٽي وي چينل جي هڪ شو ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن شاديءَ جي معاملي تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي.
پروگرام دوران سوال تي حريم فاروق چيو ته جيتوڻيڪ هوءَ شاديءَ جي لاءِ وقت ۽ تاريخ نٿي ٻڌائي سگھي پر کيس لڳي ٿو ته متان هاڻي هوءَ جلد شادي ڪري ڇڏي.
هن پنهنجي ٿيندڙ ساٿيءَ لاءِ خوبين جو شرط ٻڌائيندي چيو ته هوءَ رحم دل، سچي ۽ دل جي صاف شخص سان شادي ڪندي.
حريم فاروق کان پڇيو ويو ته ڇا هن اهڙو ڪو شخص پسند ڪري ڇڏيو آهي جيڪو سندس ساٿي بڻجي جنهن تي اداڪارا ڪو واضح جواب نه ڏنو ڳالهه کي ڦيرائي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.