ڀارتي حڪومت پاران اسرائيلي ڪمپني جي تيار ڪيل جاسوسي سافٽ ويئر کي صحافين ۽ مخالف ڌر جي اڳوانن خلاف استعمال ڪيو ويو.
اهو انڪشاف ايمنسٽي انٽرنيشنل پاران جاري ڪيل رپورٽ ۾ ڪيو ويو.
واضح رهي ته آڪٽوبر 2023ع ۾ ايپل آءِ فونز استعمال ڪندڙ صحافين ۽ مخالف ڌر جي اڳوانن کي رياست سطح تي سائبر اٽيڪ بابت الرٽ موڪليا هئا.
ان وقت ڀارتي حڪومت ايپل جي الرٽس کي رد ڪندي آءِ فونز جي سيڪيورٽي جي حوالي سان جاچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.
ڀارت پاران اسرائيلي ڪمپني اين ايس او جي تيار ڪيل پيگاسس سافٽ ويئر کي استعمال ڪرڻ ڪڏهن به تصديق يا ترديد ناهي ڪئي وئي.
پر هاڻي ايمنسٽي انٽرنيشنل پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته اين ايس او جي سافٽ ويئر کي ڀارت جي وڏن صحافين جي آءِ فونز ۾ دريافت ڪيو ويو آهي، جنهن سان ايپل جون تنبيهي الرٽس درست ثابت ٿين ٿيون.
ايمنسٽي انٽرنيشنل جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جاچ مان ثابت ٿيو ته ڀارتي صحافين کي غير قانوني نگران جي ڪري خطرا آهن، آمراڻن قانونن سان گڏوگڏ انهن کي ٻين ٽولز ذريعي دٻايو پيو وڃي جڏهن ته هراسان به ڪيو پيو وڃي.
رپورٽ موجب ڪيترائي ڀيرا انڪشافن باوجود ڀارت ۾ پيگاسس سافٽ ويئر جي استعمال بابت ڪجهه ناهي ڪيو ويو جن مان انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو احساس ٿئي ٿو.
ايمنسٽي انٽرنيشنل سان گڏوگڏ آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ هڪ ڌار رپورٽ ۾ ٻڌايو ته آءِ فونز تيار ڪندڙ ڪمپني ايپلمودي حڪومت ۾ شامل ماڻهن جي دٻاءَ کي منهن ڏئي رهي آهي.
حڪومت عهديدارن پاران ايپل کان مطالبو ڪيو ويو ته اها تنبيهي الرٽ سياسي اثرن جي گھٽتائي آڻڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري.
اهڙيءَ طرح ايپل جي عهديدارن کي طلب ڪري انهن تي الرٽس بابت متبادل وضاحتون جاري رکڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو.
ڀارتي اختيارين جي دٻاءَ تي آمريڪي ڪمپني جا عهديدار متاثر ٿيا پر هنن پاران ڪجه خاص نه ڪيو ويو.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ايپل جي ڀارت ۾ ڪم ڪندڙ عهديدارن شروعات ۾ الرٽس بابت شڪ پيدا ڪرڻ لاءِ مدد ڪئي ۽ اهو بيان جاري ڪيو ته ٿي سگھي ٿو ته اهي الرٽس درست نه هجن.
پر ان کان پوءِ ڪمپني پاران ڪو به بيان جاري ناهي ڪيو ويو.
آمريڪي اخبار جو چوڻ هو ته ايپل پاران ڀارت ۾ ڪاروباري خطرن جي ڀيٽ ۾ واهپيدارن جي سيڪيورٽي کي ترجيح ڏني پئي وڃي.
Prev Post
You might also like