حمزا شهباز وري شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا، نواز شريف جي طبعيت خراب، اجلاس ڇڏي روانو

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير حمزا شهباز هڪ ڀيرو ٻيهر پارٽي قيادت سامهون خاموشي ٽوڙيندي خدشن جو اظهار ڪيو، ان دوران نواز شريف جي طبعيت بگڙي وئي.
ن ليگ قائد نواز شريف جي صدارت هيٺ پارلياماني بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اسلام آباد ۽ لاهور جي اميدوارن جا انٽرويو ڪيا ويا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته حمزا شهباز هڪ ڀيرو ٻيهر قيادت سامهون خاموشي ٽوڙي ۽ ڀرپور اوٻر ڪڍيو.
ذريعن موجب حمزا شهباز چيو ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ جن ماڻهن تي ظلم ڪيو ويو، انهن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي، قربانيون ڏيندڙ ڪارڪنن کي سٺي وقت ۾ وساريو ويو آهي، ن ليگ اڪيلي سر ڪجهه ناهي، ڪارڪنن کي گڏ کڻي هلڻو پوندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ان موقعي تي نواز شريف جي طبعيت خراب ٿي وئي ۽ هو اجلاس اڌ ۾ ڇڏي هليو ويو.
ذريعن موجب نواز شريف جي طبعيت ۾ خرابي ۽ شهباز شريف جي ڪراچي دوري سبب اجلاس جلدي ختم ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.