ڏوڪري (ويب ڊيسڪ) ڏوڪريءَ ۾ صوبائي تڪ پي ايس 13 تي اسڪروٽني بعد پي پي اميدوار عادل الطاف حسين انڙ ۽ عدنان الطاف حسين انڙ جا نازمزدگي فارم منظور ڪيا ويا آهن.
ڏوڪريءَ جي ڪمشنر آفيس ۾ قائم آر او اڳيان پيش ٿيڻ بعد عادل الطاف حسين انڙ ۽ عدنان الطاف حسين انڙ جا نازمزدگي فارم منظور ڪيا ويا.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي عادل الطاف حسين انڙ چيو ته چونڊون هڪ جمهوري عمل آهي جنهن ۾ ڏوڪري تعلقي سميت سڄي ملڪ جو عوام ڀرپور حصو وٺي ۽ ملڪ ۾ جمهوريت علامت بڻيل پيپلزپارٽيءَ جي اميدوارن کي ڪامياب ڪري.
هن چيو ته هميشه کان انڙ خاندان پنهنجي علائقي جي عوام جي خدمت ڪرڻ ۾ سيٽ جي لالچ نه رکي آهي، ان ڪري پورو يقين آهي ته سڄي تڪ جو عوام ساڻن گڏ آهي.
عادل الطاف حسين انڙ وڌيڪ چيو ته چونڊن ۾ سوڀ حاصل ڪرڻ بعد پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري جي قيادت هيٺ ۽ پارٽيءَ جي منشور تحت تڪ جي عوام جي خدمت جاري رکبي.