ريکا ڀيل جو مذهب مٽايو ويو: وارثن جو احتجاجي ڌرڻو

اڏيرو لال (ويب ڊيسڪ) اوڏيرولال لڳ پليجاڻي ۾ هندو ناري جي مبينا اغوا خلاف وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته 16 سالن جي ريکا ڌي ڪيول ڀيل کي اغوا ڪري مذهب مٽرايو ويو آهي.

اغوا ٿيل ناري جي وارثن سميت سياسي سماجي ڌرين جي ارشاد شاه، ذوالفقار سوهو، موسي لڙڪو ۽ ٻين احتجاج ڪري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.

هنن الزام هنيو ته گذريل رات پليجاڻي جي ڀيل ڪالوني مان شهزاد جسڪاڻي پٽ الطاف جسڪاڻي ڌيءُ کي اغوا ڪري ويو هو، جنهن جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آھي اغوا ٿيل ناري کي بازياب نه ڪرايو ويو ته احتجاج جو دائرو وسيع ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.