ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي پي ٽي آءِ ڪارڪن خديجا شاهه کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ ڪارڪن خديجا شاهه کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ خديجا شاهه خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ سيد اقبال شاهه ايڊووڪيٽ ڪيس جي پيروي ڪئي.
پوليس طرفان خديجا شاهه کي 14 ڏينهن جو جڊيشل رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو هو.
واضح رهي خديجا شاهه کي ٻه هفتا اڳ لاهور مان راهداري رمانڊ تي ڪوئيٽا منتقل ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ اڄ کيس عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي عدالت خديجا شاهه کي ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي آزاد ۽ فيملي سميت لاهور روانو ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.