ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي ۽ اڄ هزارين رپين جي واڌ ٿي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جي قيمت ۾ 2200 رپين جي واڌ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت ٻه لک 22 هزار 800 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 1886 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 91 هزار 15 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 20 ڊالر واڌ سان 2085 ڊالر في اونس آهي.
You might also like