ميلبورن (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو فاسٽ بالر حسن علي ميچ دوران به پنهنجي مستين کان نه مڙيو.
ميلبورن ۾ آسٽريليا خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ جي ٽئين ڏينهن حسن علي بائونڊري لائن تي دلچسپ انداز ۾ ڊانس شروع ڪئي ته پويان ويٺل شوقين به ان ۾ شامل ٿي ويا.
حسن علي بائونڊري لائن تي بيٺي ڊانس مووز ڪيا، جنهن کي شوقينن به ڪاپي ڪيو.
قومي فاسٽ بالر جي ان انداز ۾ ڪامينٽريٽر به کلندا رهيا، پوءِ حسن علي شوقينن کي تاڙيون وڄائي جواب به ڏنو.
Get your body moving with Hasan Ali! #AUSvPAK pic.twitter.com/8Y0ltpInXx
— cricket.com.au (@cricketcomau) December 28, 2023