ميلبورن (ويب ڊيسڪ) ميلبورن ٽيسٽ جي ٻي اننگز ۾ آسٽريليا 6 وڪيٽن جي نقصان تي 186 رنسون ٺاهي پاڪستان خلاف 241 رنسن جي سرسي حاصل ڪري ورتي.
ٽئين ڏينهن پاڪستان پنهنجي رهيل اننگز 6 وڪيٽن جي نقصان تي 194 رنسن کان شروع ڪئي ته محمد رضوان ۽ عامر جمال ڪريز تي موجود هئا.
محمد رضوان 42 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو، شاهين آفريدي 21، حسن علي ۽ مير حمزا 2-2 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته عامر جمال 33 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيو.
قومي ٽيم پهرين اننگز ۾ 264 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، آسٽريليا طرفان پيٽ ڪمنز 5، نيٿن ليون 4 وڪيٽون ورتيون.
آسٽريليا ٻي اننگز شروع ڪئي ته شاهين آفريدي منڍ ۾ ئي 6 وڪيٽون وٺي ڪينگروز کي ڏکيائين جو شڪار ڪري ڇڏيو، عثمان خواجا کاتو کولڻ بنا پويلين موٽي ويو، جڏهن ته مارنس لبوشين 4 رنسون ٺاهي سگهيو.
پوءِ مير حمزا ٻن بالن تي ٻه وڪيٽون وٺي آسٽريليا جون ڏکيائيون وڌائي ڇڏيون، هن 4 رنسون ٺاهيندڙ ڊيوڊ وارنر جي وڪيٽ ورتي، پوءِ پهرئين ئي بال تي ٽريوس هيڊ کي آئوٽ ڪيو.
16 رنسن تي 4 وڪيٽون ڪِرڻ کانپوءِ مچل مارش ۽ اسٽيون سمٿ ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي ٽيم کي ڏکيائين مان ڪڍيو، مارش 96 رنسون ٺاهي مير حمزا جو شڪار بڻيو، جڏهن ته سمٿ کي 50 رنسون ٺاهڻ کانپوءِ شاهين آفريدي آئوٽ ڪيو.
آسٽريليا ٽئين ڏينهن راند جي پڄاڻي تي 6 وڪيٽن تي 187 رنسون ٺاهي پاڪستان خلاف مجموعي طور 241 رنسن جي سرسي حاصل ڪري ورتي.
پاڪستان طرفان مير حمزا ۽ شاهين آفريدي 3-3 وڪيٽون ورتيون.
واضح رهي ته آسٽريلوي ٽيم پهرين اننگز ۾ 318 رنسون ٺاهيون هيون.
You might also like