سٺي صحت تي ليڪچر دوران پروفيسر دل جو دورو پوڻ سبب فوت

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هڪ پروفيسر ان وقت دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو جڏهن هو سٺي صحت جي حوالي سان ليڪچر ڏئي رهيو هو.
ڀارتي ميڊيا موجب ڪانپور ۾ انڊين انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي ۾ اڳوڻن شاگردن جي اعزاز ۾ ٿيل تقريب ۾ 53 ورهين جو پروفيسر دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو.
رپورٽ موجب شاگردن جي معاملن بابت مشير ۽ مڪينيڪل انيجينيئرنگ ڊپارٽمينٽ جو سربراهه سمير خنديڪر اڳوڻن شاگردن کي سٺي صحت تي ليڪچر ڏئي رهيو هو ته اوچتو کيس پگھر اچڻ شروع ٿي ويو ۽ پوءِ هو ڊائيس تي ڪري پيو.


کيس فوري طور تي اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽرن کيس مُئل قرار ڏئي ڇڏيو.
پروفيسر سمير خنديڪر جي ساٿي استادن موجب پروفيسر سمير 2019ع کان دل جي مرض ۾ مبتلا هو ۽ هاءِ ڪولسٽرول جو به شڪار هو.
ميڊيا موجب پروفيسر سمير صحت جي حوالي سان ليڪچر ڏئي رهيو هو ته ۽ ڪِرڻ کان اڳ سندس آخري لفظ ”پنهنجي صحت جو خيال رکو“ هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.