ڪشمور: هندو نوجوان پاڻ کي اغوا ڄاڻائي وارثن کان ڀنگ گهري ورتو، هوٽل مان هٿ

ڪشمور (ويب ڊيسڪ) ڪشمور مان ٻه ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ڄاڻايل نوجوان مھيش ڪمار کي پوليس سکر جي هڪ هوٽل مان هٿ ڪري ورتو اهي.

ڪشمور پوليس موجب نوجوان مھيش ڪمار پنهنجي گهر وارن کي اغوا ٿيڻ جو ڄاڻائي ڀنگ جي رقم طلب ڪئي وئي هئي.

نوجوان پنهنجي مرضي سان گهران نڪري ويو هو ۽ سکر ۾ رهي رهيو هو ۽ فون ڪري گهرڀاتين کان ڀنگ گهري رهيو هو.

نوجوان کي سندس وارثن حوالي ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.