اوڪاڙا (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ چونڊون ته 8 فيبروري تي ٿينديون پر سرڪاري ملازمن هاڻ کان ئي سياسي ويجهڙائيون ظاهر ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن، جنهن جو تازو مثال ڊي ايس پي مهر يوسف آهي، جنهن ن ليگ قائد نواز شريف جي سالگرهه تقريب ۾ وردي پائي شرڪت ڪئي.
اوڪاڙا ۾ ن ليگ قائد نواز شريف جي 74هين سالگرهه جي تقريب ٿي، جنهن ۾ اڳوڻي وزيراعظم جي سالگرهه جو ڪيڪ به ڪاٽيو ويو.
ڊي ايس پي سٽي سرڪل مهر يوسف سياسي پروگرام ۾ خاص طور شرڪت ڪئي، هن نه رڳو تقريب ۾ وردي پائي شرڪت ڪئي پر ڪيڪ به ڪاٽيو.
سول سوسائٽي طرفان ڊي ايس پي سٽي جي تقريب ۾ شرڪت تي نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي.
Next Post
You might also like