سنڌ ۾ بحريا ٽائون جهڙا منصوبا جوڙي نئون اسرائيل قائم ڪيو پيو وڃي: لال جروار

بدين (ويب ڊيسڪ) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو آهي ته ملڪ ٺھڻ کان وٺي طاقت جي زور تي مظلوم قومن جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪئي وئي آهي.
ٽنڊو باگو ۾ سنڌي شاگرد تحريڪ جي اڳوڻي اڳواڻ سراج هاليپوٽو جي پهرين ورسي جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي لال جروار جو چوڻ هو ته ملڪ ٺھڻ کان وٺي طاقت جي زور تي مظلوم قومن جي وسيلن جي ڦرلٽ ڪئي وئي آهي،زرعي انقلاب جي نالي تي سنڌ جي 52 ھزار 7 سئو 13 ايڪڙ زمين اداري کي ڏيڻ بعد ڪراچي ۾ به ڏيڍ لک ايڪڙ زمين انهيءَ ڪمپني کي ڏيڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي.
هن چيو ته عوامي تحريڪ ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي زمينن تي ڪيل قبضن کي رد ڪندي مطالبو ڪري ٿي ته سنڌ ۾ زرعي انقلاب جي لاءِ زمينون سنڌ جي ھارين کي ڏنيون وڃن،بحريا ٽائون، ذوالفقارآباد، ڊي ايڇ اي سٽي جھڙا رھائشي منصوبه جوڙي سنڌ ۾ ھڪ نئون اسرائيل قائم ڪري ڌارين جو لوڌ آڻي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي.
سندس چوڻ هو ته وفاقي حڪومت توڙي صوبائي سرڪار جا اعلان اڌورا رهجي ويا آهن افغانين سميت سمورن غير ملڪين جي نيڪالي لاءِ آپريشن سنڌ ۾ ڪٿي به نظر نٿو اچي جنهن سان سندن نيڪ نيتي ظاهر ٿئي ٿي.
هن مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ ڌارين جي آبادگاري، زمينن جي نيلامي، مذهبي انتهاپسندي کي ٻنجو ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.