پرڀاس جي فلم ”سالار“ شاهه خان جي ”ڊنڪي“ کي پوئتي ڌِڪي ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) سپر اسٽار پرڀاس جي فلم ”سالار“ 2 ڏينهن ۾ 295 ڪروڙ بزنس ڪري ورتو جڏهن ته شاهه رخ خان جي ”ڊنڪي، جو ڪاروبار خراب نموني متاثر ٿيو آهي.
”سالار“ اوپننگ ڊي تي 178 ڪروڙن جو بزنس ڪري هند سينيما جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا هئا ۽ ان شاهه رخ خان جي فلم ”جوان“ کي به پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي.
فلم جو ٻيو پارٽ به بڻايو ويندو، پرڀاس ”سالار“ جي ڪردار ۾ جڏهن ته پرٿوي راج سوڪومان ”ورادرا جامنرا“ جي ڪردار ۾ ايڪشن ۾ نظر اچي رهيا آهن.
”سالار“ کي بلاڪ بسٽر فلم سيريز ”ڪي جي ايف“ جي ڊائريڪٽر پرشانت نيل بڻايو آهي ۽ ان جي ڪهاڻي کي ”ڪي جي ايف“ سان ملايو ويو آهي.
واضح رهي ته فلم ”سالار“ کي 400 ڪروڙ رپين جي ڳري بجيٽ سان بڻايو ويو آهي ۽ ان کي 22 ڊسمبر تي سڄي دنيا ۾ رليز ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.