پنوعاقل ۾ رولو ڪتن 40 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو

پنوعاقل (رپورٽ: رستم انڍڙ) پنوعاقل ۾ رولو ڪتن ٻن ڏينهن ۾ 40 ڄڻن کي ڏاڙھي وڌو.
پنو شھر جي مختلف علائقن ۾ رولو ڪتن ٻن ڏينهن اندر پيرسنن، عورتن ۽ ٻارڙن سميت 40 ڄڻن کي ڏاڙھي زخمي ڪري ڇڏيو.
ڪتن جي چڪيل متاثرن ۾ مائي ياسين،نسيمان،علي حسن، رحيم بخش، شاھد علي ، قادر ، ظهير ، جلال الدين ،نادر ۽ ٻيا شامل آھن، متاثرن کي تعلقه اسپتال ۾ ويڪسينيشن بعد گھر روانو ڪيو ويو.
اسپتال انتظاميا موجب ٻن ڏينهن ۾ 40 ڄڻڻ کي ڪتن ڏاڙهي زخمي ڪيو آھي، جڏهن تہ ھلندڙ مھيني ۾ 84 کان وڌيڪَ ماڻهن کي ڪتن چڪ ھڻي زخمي ڪيو آھي،جن کي تعلقي اسپتال پنوعاقل آندو ويو جن کي ويڪسين ڪئي وئي آهي.
سپتال انتظاميا موجب سموري تعلقي ۾ ٻن مھينن اندر 200 کان وڌيڪ ماڻھو ڪتن ھٿان ڏاڙھجي ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.