ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ناليواري اداڪارا ڪاجل پنهنجي شوبز ڪيريئر ۾ پهريون ڀيرو ڀوائتي فلم ۾ نظر ايندي.
ڀارتي ميڊيا موجب فلم کي ڊائريڪٽر وشال فيوريا ٺاهي رهيو آهي، جڏهن ته ان کي اجي ديوگن فلمز تحت پروڊيوس ڪيو ويندو.
فلم جي ڪهاڻي بابت تفصيل سامهون ناهن آيا، جڏهن ته ان جي شوٽنگ جي شروعات جنوري 2024 کان ٿيندي.
ڀارتي ميڊيا موجب ڪاجول کي فلم جو اسڪرپٽ وڻيو آهي ۽ هوءَ پهريون ڀيرو حقيقي دنيا کان هٽي ڪردار ادا ڪرڻ جي خواهشمند آهي.
You might also like