آمريڪي صدر جمي ڪارٽر جي دور جا ڳجها دستاويز جاري، وڏا انڪشاف

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا صدر جمي ڪارٽر جي دور جا 45 سال پراڻا ڳجهي سرڪاري دستاويز جاري ڪري ڇڏيا، دستاويزن مان افغان جهاد جي فنڊنگ بابت اهم انڪشاف سامهون اچي ويا آهن.
واشنگٽن جي نيشنل سيڪيورٽي آرڪائيو صدر جمي ڪارٽر پاران افغان جهاد جي فنڊنگ لاءِ کنيل اهم قدمن تي ٻڌل ڳجهن دستاويزن کي پبلڪ لاءِ کولي ڇڏيو آهي.
مسلم ليگ ن جي سينيٽر مشاهد حسين سيد آمريڪي دستاويزن جي تصوير پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تان شيئر ڪندي لکيو ته آمريڪا ۾ صدر ڪارٽر جي دوران جا سرڪاري دستاويز 42 سالن کان پوءِ جاري ڪيا ويا آهن.
انهن دستاويزن مان خبر پئي آهي ته آمريڪا ڪارٽر دور ۾ ئي سي آءِ اي جي فنڊنگ سان افغان جهاد جي مدد شروع ڪئي هئي.
دستاويزن موجب 1979ع ۾ آمريڪي صدر جمي ڪارٽر سي آءِ اي کان افغان جهاد جي پاڪستان ذريعي فنڊنگ جو حڪم ڏنو هو، ان حڪم تحت آمريڪا کي پاڪستان کي 2.1 ارب ڊالرن جي امداد ڏيڻي هئي جڏهن ته سعودي عرب کي به ايتري ئي رقم ڏيڻي هئي.
دستاويزن جي متن ۾ چيو ويو آهي ته افغانستان ۾ سويت مداختلف جي افغان مخالفن کي سڌي ريت يا ٽئين ملڪ ذريعي خطرناڪ فوجي اوزار فراهم ڪيا وڃن.
دستاويزن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سويت مداخلتف جي افغان مخالفن کي مخصوص قسم جي تربيت ڏيو، جيڪا افغانستان کان ٻاهر هجي ته جيئن اهي هٿيارن کي استعمال ڪري سگھن اها تربيت سڌي ريت به ڏئي سگھجي ٿي ۽ ڪنهن ٽئين ملڪ ذريعي به ڏئي سگھجي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.