لاهور (ويب ڊيسڪ) همايون اختر خان تحريڪ انصاف ڇڏي استحڪام پاڪستان پارٽي ۾ شامل ٿي ويو.
همايون اختر استحڪام پاڪستان پارٽي جي سربراهه جهانگير ترين ۽ صدر عبدالعليم خان سان لاهور ۾ ملاقات ڪئي.
جهانگير ترين همايون اختر کي پارٽي جو مفلر پارايو ۽ کيس شموليت تي مبارڪباد ڏني.
پوءِ جهانگير ترين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي همايون اختر چيو ته 9 مئي واقعن سبب پي ٽي آءِ کان ڌار ٿيس، مشاورت سان فيصلو ڪيو آهي.
جهانگير ترين چيو ته همايون اختر کي مبارڪباد ڏيون ٿا، ان سان پراڻا لاڳاپا آهن، کيس پارٽي ۾ سينيئر نائب صدر جو عهدو ڏنو ويو آهي.
You might also like