اسلام آباد ( م ڊ ) چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا ملاقات ڪئي. ذريعن موجب چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيف جسٽس جي دعوت تي ملاقات لاءِ سپريم ڪورٽ پهتو. ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ جسٽس سردار طارق، جسٽس اعجاز الاحسن ۽ اٽارني جنرل به شرڪت ڪئي. ذريعن موجب چيف اليڪشن ڪمشنر لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم نامي بابت ججن کي آگاهه ڪيو. ذريعن موجب اجلاس ۾ آر اوز بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي غور ڪيو ويو. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته چيف جسٽس پهريان 2 سينيئر ججن سان ملاقات ڪئي ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم بابت سينيئر ججن سان صلاح مشورا ڪيا، ان مشاورت کانپوءِ اٽارني جنرل ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر کي طلب ڪيو ويو.