لاهور ( عوامي آواز نيوز ) چونڊون مئي يا جون تائين ٿيڻ جا امڪان آهن، ان لاءِ اسٽيبلشمينٽ ۽ سياسي پارٽيون هڪ صفحي تي آهن، نامياري صحافي سيد عمران شفقت جو چوڻ آهي ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري انٽرويو ۾ اشارو ڏنو هو ته چونڊون مقرر تاريخ کان ڪجهه ڏينهن پوءِ ٿيڻ ۾ ڪابه خرابي نه آهي، ن ليگ به چاهي ٿي ته چونڊون ڀلي فيبروري کان پوءِ ٿين پي ٽي آءِ به لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ آر او ۽ ڊي آر او جي مقرري چئلينج ڪري چونڊون ملتوي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، سياسي پارٽين کي صرف خدشو اهو آهي ته چونڊون ڊگهي عرصي لاءِ ملتوي نه ٿي وڃن، جيڪڏهن سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڪو تڪڙو قدم کنيون ته ممڪن آهي ته چونڊون 8 فبيروري تي ٿي وڃن، پر انتهائي سگهارن ذريعن کان ڄاڻ ملي آهي ته چونڊون مئي يا جون کان اڳ ممڪن نه آهي، ڏسڻو آهي ته سپريم ڪورٽ ان حوالي سان ڪهڙي ڪارروائي ڪري ٿي، ٻئي صورت ۾ چونڊون 8 فيبروي تي ٿينديون نظر نه ٿيون اچن، اصل ۾ پيپلز پارٽي ن ليگ ۽ اسٽبلشمينٽ چاهين ٿيون ته معيشت ڪجهه بهتر ٿئي ۽ عوام کي ڪجهه رليف ملي ان بعد چونڊون ٿين پر چيف جسٽس بضد آهي ته چونڊون هر حال ۾ 8 فيبروري تي ٿين.