ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ ۾ ڀاڻ جي کوٽ تي سنڌ جي سڀني ڪمشنرز کي نوٽيس جاري ڪندي 10 جنوري تائين جواب طلب ڪري ورتو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس ميبن لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ سنڌ ۾ ڀاڻ جي کوٽ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عقيل احمد عباسي سوال ڪيو ته ڇا حڪومت ڀاڻ جي فراهمي لاءِ ڪوٽا مقرر ڪري ٿي؟
جنهن تي آبادگارن جي وڪيل علي احمد پلهه چيو ته حڪومت ڀاڻ جي پيداوار تي خانگي ڪمپنين کي سبسڊي ڏئي ٿي، هن وقت سموري سنڌ ۾ ڀاڻ جي فراهمي نه هجڻ برابر آهي، سنڌ ۾ 34 سئو روپين واري ڀاڻ جي ٻوري ساڍا 5 هزار روپين ۾ بليڪ تي وڪرو ٿي رهي آهي.
وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڀاڻ وقت تي نه ملندو ته صوبي ۾ ڪٽڪ جو فصل متاثر ٿي سگهي ٿو.
عدالت سنڌ جي سڀني ڪمشنرز کي نوٽيس جاري ڪندي 10 جنوري تائين جواب طلب ڪري ورتو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 10 جنوري تائين ملتوي ڪئي وئي.
You might also like