ڪرڪيٽ آسٽريليا جو پاڪستاني شوقينن لاءِ وڏو اعلان

ميلبورن (ويب ڊيسڪ) ڪرڪيٽ آسٽريليا 21 ڊسمبر تي پاڪستاني فينز لاءِ ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ جا دَر کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
آسٽريليا جي سڀ کان وڏي ميلبورن گرائونڊ ۾ پاڪستان جو ٽريننگ سيشن ڏسڻ لاءِ ڪرڪيٽ شوقينن کي داخلا جي مفت اجازت ملي وئي.
آسٽريليا بورڊ طرفان شوقينن کي باڪسنگ ڊي ٽيسٽ کان اڳ پاڪستان جو ٽريننگ سيشن ڏسڻ جي دعوت ڏني وئي، 21 ڊسمبر صبح 10 وڳي کان اڳ شوقينن کي ايم سي جي ۾ مفت داخلا جي اجازت هوندي.
ٽريننگ سيشن آسٽريلوي وقت موجب صبح 10 وڳي کان منجهد 12 لڳي 30 منٽن تائين جاري رهندو.
واضح رهي ته پاڪستان 1992 ۾ ورلڊ ڪپ ايم سي جي جي تاريخي ميدان ۾ ئي کٽيو هو ۽ آخري ڀيرو پاڪستان ايم سي جي ۾ آءِ سي سي ٽي 20 ورلڊ ڪپ جو فائنل کيڏيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.